الاهي بخش ايم ڀٽي ڊاڪٽر

الاهي بخش ايم ڀٽي، ڊاڪٽر: زرعي ماهر ڊاڪٽر الاهي بخش ايم ڀٽي 11 آگسٽ 1938ع تي خيرپورميرس ۾ جنم ورتو. بعد ۾ سندس وڏا ڪوٽڙيءَ ۾ اچي رهيا. الاهي بخش گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ 1960ع ۾ زرعي ڪاليج (هاڻي يونيورسٽي) ٽنڊي ڄام ۾ ڊمانسٽريٽر مقرر ٿيو. هن 1972ع ۾ يونيورسٽي آف ويلز برطانيا مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. 1973ع ۾ چانورن واري تحقيقي اداري ڏوڪريءَ جو پھريون ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. 1987ع ۾ کيس زرعي تحقيق سنڌ حيدرآباد جو پھريون ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو. 1988ع کان 1990ع تائين زرعي يونيورسٽي، ٽنڊي ڄام جو وائيس چانسلر رهيو، ان بعد زرعي تحقيق سنڌ جو ڊائريڪٽر جنرل پڻ رهيو. هن ڪيترائي زرعي تجربا ڪيا، زرعي ماهر هئڻ ڪري کيس دنيا جا ڪيترائي ملڪ گهمڻ جو موقعو مليو. هن ڪيترن ملڪن ۾ نوان تجربا متعارف ڪرائي سنڌ جو نالو روشن ڪيو. کيس ڪيترن ئي ملڪن اعزازي ڊگريون به ڏنيون ۽ سندس قابليت عيوض عالمي شخصيتن جي ڊائريڪٽري Who is Who ۾ پڻ سندس نالو شامل ڪيو ويو. زراعت تي ڪافي ڪتاب سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ لکيل اٿس، جيڪي يورپي ملڪن ۾ به مختلف ٻولين ۾ ڇپيا آهن. ڊاڪٽر ڀٽي، ڪيترين ئي قومي ۽ بين الاقوامي ايجنسين مثلاً ”گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت واري تنظيم (FAO)“، ”بين الاقوامي ايٽمي توانائي واري ايجنسي ويانا“، بين الاقوامي چانورن واري تحقيقاتي اداري، فلپائين وغيره جي تعاون سان مختلف رٿائن تي تحقيق ڪري، انهن ايجنسين جي زرعي سائنسدانن سان ڪيترائي تحقيقي مقالا ۽ رپورٽون شايع ڪرايون. ڊاڪٽر ڀٽي اٽڪل 200 تحقيقي مقالا، مضمون ۽ زرعي معلوماتي ڪتابچه لکيا، جيڪي مختلف قومي ۽ بين الاقوامي تحقيقي رسالن ۾ شايع ٿيا. پاڻ ”ريسرچ پبليڪيشنس جو، 1969ع کان 1983ع“ ۽ 1973ع کان 1985ع“ مرتب رهيو. ”ماڊرن انسيڪٽ پيسٽ مئنيجمينٽ پريڪٽسز ان ڪاٽن“، ”ايگريڪلچرل ان پٽس اينڊ فيلڊ ڪراپ پراڊڪشن ان سنڌ“ ۽ ”سنڌ ۾ ساون گاهن جي پوک“ ڪتابن جو ليکڪ هو. هڪ بين الاقوامي انگريزي زرعي رسالي ۽ ماهوار ”جديد زرعي کوجنا“ جو چيف ايڊيٽر ۽ چيئرمين (نگران) پڻ رهيو. ڊاڪٽر ڀٽي کي، سندس ڪاميابين جي مڃتا ۾ 25 مختلف قومي ۽ بين الاقوامي اوارڊ، تعريفي سرٽيفڪيٽ، ميڊل ۽ روڪ انعام مليا، جن ۾ صدر پاڪستان پاران 1985ع ۾ زرعي تحقيق جو اعليٰ اوارڊ ”ڊاڪٽر بورلاگ ميڊل“ ۽ 1989ع ۾ ملڪ جي آزاديءَ واري ڏينهن تي، زرعي سائنس ۾ سول اوارڊ ”تمغهءِ امتياز“، ”آمريڪن بايو گرافيڪل انسٽيٽيوٽ USA پاران آمريڪن اوارڊ، 1993ع ۾ ”انٽرنيشنل ڊسٽنگئشڊ ليڊرس اوارڊ“، ”مئن آف دي ايئر 1993ع“، ”1994ع ۾ ممتاز تحقيقدانن جي ”بورڊ آف ايڊوائيزرس“ ۾ اعزازي مقرري ۽ ريسرچ ائسوسيئيشن آمريڪا پاران اي. بي. آءِ ريسرچ ائسوسيئيشن جي ميمبرشپ تان ”بورڊ آف گورنرس“ لاءِ ”ڊپٽي گورنر“ طور مقرري، ”اي بي آءِ مئن آف دي ايئر 1995ع“ ۽ ”دي آرڊر آف انٽرنيشنل ايمباسيڊر 1995ع“، جڏهن ته انٽرنيشنل بايو گرافيڪل سينٽر، ڪيمبرج انگلينڊ پاران ”سال 94-1993ع جي بين الاقوامي شخصيت“، 1994ع ۾ ”لائيف فيلو ۽ انٽرنيشنل آرڊر آف ميرٽ“، 1995ع ۾ ”ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل“ طور مقرري ۽ آءِ بي آءِ لاءِ ”لائيف پيٽرن“ طور مڃتا جو اوارڊ شامل آهن. 23 مارچ 2000ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو